سچل سرمست جو چونڊ ڪلام

سچل سرمست جو چونڊ ڪلام

سچل سرمست جو چونڊ ڪلام

سچل سرمست جو چونڊ ڪلام (ڪتاب): سچل سرمست جي چونڊ ڪلام تي مشتمل هي انتخاب نامور محقق ۽ عالم ڪلياڻ بي. آڏواڻيءَ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ’چونڊ بابت‘ عنوان هيٺ ڪلياڻ آڏواڻيءَ مختصر نوٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”سچل سرمست جو هي چونڊ ڪلام، مختلف رسالن کي نظر مان ڪڍي تيار ڪيو ويو آهي. انهيءَ نسبت ۾، خاص طرح، علي قلي بيگ، آغا صوفيءَ، نماڻي فقير ۽ عـثمان علـي انـصـاريءَ وارا نسـخـا قابل ذڪر آهن.
هي انتخاب ٻن حصن ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سچل سرمست جا بيت، جدا جدا داستانن جي صورت ۾ مضمونن مطابق ڏنا ويا آهن، ۽ ٻئي حصي ۾ سچل سرمست جون ڪافيون شامل آهن. بيتن ۽ ڪافين تي الڳ الڳ مهاڳ لکيا ويا آهن، جن ۾ انهن جا بنيادي خيال سمايل آهن. شروعات ۾ سچل سرمست جي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي. هن انتخاب (چونڊ) ۾ سچل سرمست جي شاعريءَ ۽ فيلسوفيءَ جي ذاتي حُسن ۽ خوبيءَ کي نروار ڪرڻ جي ممڪن ۽ مڪمل ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڊيمي سائيز جي 196 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ساهتيه اڪادمي نئين دهليءَ، 1979ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 15 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو